ڪراچي(شوبز نيوز) ماضي جو ڀلوڙ ۽ خوبصورت اداڪارا ماهه نور بلوچ ڊرامن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو، هڪ انٽرويو دوران هن ٻڌايو ته مرضي موجب اسڪرپٽ نه ملڻ سبب هن اداڪاري کي الوداع ڪيو. اداڪارا ساٿي اداڪار نعمان مسعود سان هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ روايتن کان هٽي ڪم نٿو ٿئي انڪري منهنجو شوق ختم ٿي ويو، هن چيو ته ملڪ جي فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ محدود موضوعن ۽ ڪردارن تي ڪم ٿئي ٿو انڪري اسان جي شوبز اندسٽري زوال جو شڪار آهي