ممبئي(شوبز نيوز) پٽوڊي خاندان جي ننهن ۽ بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور به ڀارتي سياستدان راهول گانڌي جي ديواني نڪتي. تفصيل موجب بالي ووڊ بيبو جو هڪ پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو جنهن بعد صارفين ان تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن، اهو انٽرويو 2002 ۾ ان وقت ورتو ويو هو جڏهن ڪرينا ڪپور بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ قدم ڄمائڻ لاءِ جتن ڪري رهي هئي. انٽرويو دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڪرينا چيو هو ته هو راهول گانڌي جون تصويرون بار بار ڏسندي آهي ۽ ساڻس ملڻ جي خواهش آهي ڇاڪاڻ ته گانڌي ۽ ڪپور خاندان ڀارت جا 2 وڏا خاندان آهن پر ٻنهي جي سماجي زندگي مختلف آهي انڪري هڪ سياستدان طور راهول سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ کيس دلچسپي آهي