مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ارڙي وگهي هڪ وڌيڪ ٻارڙي فوت، انگ 4 ٿي ويو، رپورٽ موجب ڳوٺ مينهل جي وانڍ ۾ 3 ورهين جي افسانا ڌيءَ عارب جوڻيجو ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، ٻارڙن جي فوتگي بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻي طرف ڳوٺاڻن عارب جوڻيجو، منير احمد، جاڙل، احسان جوڻيجو ۽ ٻين صحت کاتي ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن، ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، نوٽيس وٺي سندن علاج ڪرايو وڃي.