حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڀٽائي نگر واري علائقي الفلاح وٽ موٽروي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جي عملدار ۾ گاڏيون چالان ڪرڻ واري معاملي تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ نظر اچي ٿو ته موٽروي پوليس جي سينيئر پيٽرولنگ آفيسر (ايس پي او) ارسلان ٻگهيو سان ايس او ٽريفڪ قاسم آباد ممتاز ٻرڙو منهن ماري ڪندي نظر اچي ٿو. ٻڌايو پيو وڃي ته قاسم آباد ۾ مقرر ٽريفڪ عملدار الفلاح وٽ قائم سرفراز خشڪ نالي شخص جي وين اڏي تي مبينا طور گاڏين وارن کان رشوت وٺڻ لاءِ پهچي ٿو جتي رشوت نه ملڻ تي هو غيرقانوني طور وينون چالان ڪندو رهي ٿو. ڄاڻايل واقعي بابت وين اڏي مالڪ پاران موٽروي جي آءِ جي کي ويب سائيٽ ذريعي شڪايتون ڏنيون ويون جنهن 2 ڏينهن اڳ موٽروي پوليس جي ايس پي او ارسلان ٻگهيو کي واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جي جائزي وٺڻ جو چيو هو. ذريعن موجب جيئن ئي 10 آگسٽ تي سينيئر پيٽرولنگ آفيسر موٽروي الفلاح واري اڏي تي پهتو ته اتي موجود ٽريفڪ ايس او ممتاز ٻرڙو کان هن گاڏين جي ڪٽيل چالانن بابت پڇا ڪئي جنهن تي ايس او ساڻس منهن ماري ڪئي ۽ چيو ته جنهن حد ۾ هو ڪم ڪري رهيو آهي اهو علائقو موٽروي پوليس جي حد ۾ نٿو اچي. ٽريفڪ ايس او ۽ موٽروي پوليس عملدار ۾ ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا جنهن بعد موٽروي پوليس جو عملدار ڪجهه وڊيوز ٺاهي واپس روانو ٿي ويو.