ننگرپارڪر (ن پ ا ) ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاٻاسرو ۾ 2 ھرڻ شڪار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. خبر موجب ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاٻاسرو ۾ 3 ڏينھن اڳ شڪارين بندوق جا فائر ڪري ٻن ھرڻن کي ماري ڇڏيو ھو، جنھن مان ھڪ ھرڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ ٻيو ھرڻ جھنگ ۾ مري ويو. جڏھن ته ٽيون زخمي ھرڻ جھنگ ۾ ڀڄي ويو ھو. گرفتار ڪيل جوابدار جو نالو روپو ڪولھي ٻڌايو ويو آهي، جڏھن ته شڪار ۾ استعمال ٿيل گاڏيءَ جو پڻ پتو لڳائي ورتو آھي.