گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي رهواسڻ والدين پاران پئسن عيوض ٻئي هنڌ شادي ڪرائڻ جي خوف کان گهران نڪري گيمڙو ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتي.گيمڙو پوليس موجب ته ڳوٺ قاسم اوڳائي جي رهواسڻ شادي شده حمليه شيخ ٿاڻي تي پهچي ٻڌايو ته 15 سال اڳ برادري جي نوجوان شوڪت شيخ سان شادي ٿي، جنهن مان 5 ٻارڙن جو اولاد آهي. ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتل عورت حليمه خاتون شيخ ڪجهه وقت اڳ والدين سان ملڻ آئي ته والدين پئسن عيوض منهنجي شادي ڏهرڪي واسي انور علي ڀيو سان ڪرائي هئي ۽ هاڻ وري ٻئي هنڌ پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، عورت حليمه شيخ موجب ته والدين مان جان کي خطرو آهي، پهرين مڙس شوڪت شيخ ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي، گيمڙو پوليس موجب ته ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتل عورت حليمه شيخ کي گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.