مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد سکر_ لاڙڪاڻو روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ساٿي اهلڪارن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو، جتي زخمين جي سڃاڻپ پوليس اهلڪار تصورابڙو ۽ ڳوٺاڻي منظور بروهي طور ٿي.