سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان قومي شاهراهه تي اوورٽيڪنگ دوران سوزوڪي پڪ ڪلٽي ٿي پئي، مال پڙي تان موٽندڙ اٺ واپاري زخمي ٿي پيا، ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه چوٿون ميل اسٽاپ تي سوزوڪي پڪ اپ اوچتو تيز رفتاري سبب فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ قاضي احمد مال پڙي تان موٽندڙ ڳوٺ مهر علي جمالي واسي 8 ڄڻا عبدالمجيد، مشرف عرف دولت، صدام، معشوق، معراج، زبير ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ داخل ڪيو ويو. جڏهن ته ٽن ڄڻن مشرف، صدام حسين ۽ معشوق جمالي جي حالت نازڪ هئڻ سبب کين نواب شاهه منتقل ڪيو ويو. مشرف عرف دولت کي نوابشاهه مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو جتي سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙهه ڳوٺ مھر علي جمالي پھتو ته ڪھرام مچي ويو. جڏھن ته صدام حسين ۽ معشوق جمالي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال داخل ڪيو ويو.