ٽنڊوالهيار / عثمان شاهه هڙي (نمائندن وٽان) عثمان شاھ ھڙي ويجھو ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ محبت شاھ بخاري ۾ زميني تڪرار تان منهن ماري بعد جھيڙو ٿي پيو، جنهن بعد هڪ ڌر گھرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو گورنر مڱريو مارجي ويو، جڏهن ته ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شاھ خاتون زال نصير مڱريو،گل بانو زال رسول بخش، نازيه زال وڪيو ۽ 15 ورهين جو حمير شامل آهن. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتي انهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. واقعي بعد مڱريا برادري جي ماڻهن ٽنڊو الهيارجي ڪريا شاخ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون. ان موقعي شوڪت مڱريو، عبدالمجيد مڱريو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته 15 ڏينهن کان مقامي زميندار جاويد شاهه پاران ٻاھر کان ماڻھو گھرائي اسان کي ڌمڪايو پئي ويو، جنھن کان پوءِ ڪالھه صبح جو نوحاڻي برادري جي ھٿياربندن گھرن تي ڪاھ ڪري حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو ھڪ ڄڻو گورنر مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيا آھن، اسان جي گهرن مٿان حملو ڪرائيندڙ زميندار جاويد شاھ ۽ نوحاڻي برادري جي سندس هارين مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو. واقعي بابت غلام حسين مڱريو جي فرياد تي قلم نمبر 302/ 324/ 109/ 34 پي پي سي تحت جوابدار عبدالرزاق ، عباس ۽ جنگار نوحاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آھي، جنھن ۾ جوابدار عبدالرزاق نوحاڻي کي پوليس پنهنجي حراست ۾ ورتو آھي. مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو وارثن لاش کڻي ڊاسوڙي ٿاڻي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن. جتي ڳالهين بعد تدفين لاءِ لاش کي ڳوٺ ڏانهن نيو ويو.