قمبر (رپورٽر) لاڙڪاڻي ڀرسان 3 هفتا اڳ ڪنڀر برادري جي ڄڃ جي بس جو ٽريڪٽر سان ٽڪر سبب قمبر جي ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جي رهواسڻ زخمي ٿيل عورت مسمات عالما خاتون ڪنڀر ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد فوتين جو انگ 13 ٿي ويو آھي.