سڪرنڊ (ن پ ا) بلاولي تحريڪ جوڙي ارغونن ۽ ميران محمد جونپوري سان مهاڏو اٽڪائيندڙ شھيد مخدوم بلاول سمون جي 571 هين سالگرهه سنڌ ڪلچرل فورم طرفان شرف الدين سنڌي جي ميزباني هيٺ قديمي ڳوٺ سيد ڇتن شاھ ۾ ملهائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي ڪامريڊ فيض ڪيريو، سارنگ ملاح، مسعود شاھ، خير  محمد لاکو، مورڙو ميربحر ۽ ٻين شھيد مخدوم بلاول کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، هنن چيو ته جڏهن ارغون سنڌ تي قبضي لاءِ حملي آور ٿيا ته مخدوم بلال شھيد پنهنجي فقيرن ۽ سنڌي سوڍن سان گڏجي بلاولي تحريڪ جوڙي ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ انهن جي رستا روڪ ڪئي، هنن چيو ته مخدوم بلاول قومي شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪئي جيڪا ڳالھه ارغونن ۽ ميران محمد جونپوري کي نه وڻي جنهن هڪ من گهڙت الزام ۾ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪرائي ڇڏيو، ان موقعي تي ديدار شاھ ۽ ڪامريڊ اسرار مري ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعري ترنم ۾ ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو.