جروار (ن پ ا) يارو لنڊ جي واهن ۽ شاخن جي پڇڙيءَ ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن يارو لنڊ کان ميرڪوش ريگيوليٽر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. آبادگارن ماهي واھ جا بند پيل دروازا کولي ڇڏيا. اهڙي عمل تي آبپاشي عملي پوليس گهرائي ورتي. آبادگارن ۽ پوليس ۾ منهن ماري، ٻن ڏينهن اندر مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطريءَ  تي آبادگارن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب يارو لنڊ جي ماهي واھ، پتافي مائينر ۽ ٻين شاخن جي پوڇڙيءَ ۾ پاڻي نه پهچڻ تي آبادگارن غلام  مرتضيٰ لنڊ، ربنواز، معشوق ۽ الهوڌايو لنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ سوين آبادگارن پاران يارو لنڊ کان ميرڪوش ريگيوليٽر تائين موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن جي ريلي ڪڍي وئي. بعد ۾ ميرڪوش ريگيوليٽر تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻڻ بعد آبادگارن ريگيوليٽر وٽ ماهي واهه جا بند پيل دروازا کولي ڇڏيا. اهڙي خبر تي آبپاشي عملدار پهچي ويا، جن فوري طور کنڀڙا ۽ اوٻاوڙو پوليس کي گهرائي ورتو. پوليس پهچڻ بعد اهلڪارن ۽ آبادگارن ۾ منهن پڻ ٿي. ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ تي آبپاشي انجنيئر خورشيد کوکر پ پ ايم اين اي خالد احمد لنڊ سان رابطو ڪري ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ مدد طلب ڪئي ۽  خاطري ڏياري ته ٻن ڏينهن اندر پوڇڙيءَ ۾ پاڻي پهچايو ويندو. اهڙي خاطري بعد پ پ ايم اين اي خالد لنڊ آبادگار اڳواڻڻ سان رابطو ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.