رتوديرو (ن پ ا ) ڳوٺ گل محمد سيال جي رهواسي عورتن اسلام خاتون، فائزا ۽ نجمه سيال ٻارڙن سان گڏ رتوديرو ٿاڻي آڏو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڀائرن مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي، اسان اچي عورتن مٿان تشدد ڪيو.هن چيو ته ڀائرن عبدالقيوم، عبدالفتاح، عبدالوحيد، حبيب الرحمٰن ۽ عبدالحڪيم سيال اسان  جي جڳهه تي قبضو ڪيو آهي، ڪورٽ سڳوري مان به اسان ڪيس کٽيو آهي پر ان باوجود به منهنجا ڀائر ڏاڍ ڪيون ويٺا آهن.هن چيو ته مڙس نياز حسين رتوديرو ٿاڻي تي ڪورٽ سڳوري جي ٿيل فيصلي جا ڪاغذ کڻي آيو هو، جنهن کي پوليس ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو ۽ ان بعد کيس خبر ناهي ته هن کي پوليس ڪاٿي گم ڪري ڇڏيو آهي.ان کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جي ذميوار رتوديرو پوليس ۽ منهنجا ڀائر هوندا.پوليس موجب سالن ۽ ڀيڻوين جو پاڻ ۾ مسئلو هلندڙ آهي، اسان ڌرين کي فيصلي لاءِ راضي ڪري همراهه سندن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.