مٽياري (رپورٽر) گورنمينٽ بوائز ھائي اسڪول مٽياري ۾ (سنڌ اندر نياڻين جي تعليم ۾ پيش ايندڙ مسئلا) جي عنوان هيٺ سيمينار منعقد ڪيو ويو،، ريجنل ڊائريڪٽر محتسب آفيس حيدرآباد عبدالوهاب ميمڻ چيو آهي ته سنڌ اندر نياڻين جي تعليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مسئلن جي حل لاءِ تعليمي ماهرن، تعليم کاتي جي عملدارن،  تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن تي مشتمل ٽاسڪ فورس جوڙڻ جون سفارشون سنڌ حڪومت کي پيش ڪيون وينديون، ته جيئن نياڻين کي تعليم جي زيور سان سنواري قوم کي روشن مستقبل ڏيئي سگهجي. هن چيو ته تجويز ڪيل ٽاسڪ فورس حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جي اسڪولن جو تفصيلي دورو ڪري تعليمي ادارن اندر پيش ايندڙ مسئلن بابت جامع رپورٽ مرتب ڪندي ۽ مسئلن جي حل لاءِ جامع رٿابندي جون سفارشون جوڙيندي جيڪي اعليٰ اختيارين تائين پهچائي نياڻين جي تعليم ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرايو ويندو. ريجنل ڊائريڪٽر عبدالوهاب ميمڻ چيو ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان صورتحال مطمئن ڪندڙ نه آهي، حڪومت سان گڏ معاشري جي ذميوار شهري طور پڻ اسان کي نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اهڙن سيمينار ڪرائڻ جو مقصد نياڻين جي تعليم ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت مختلف اسٽيڪ هولڊرز کان آگاهي حاصل ڪرڻ ۽ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ آهي. هن چيو ته تمام جلد ڊويزنل سطح تي حيدرآباد ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ محتسب اعليٰ، تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن سميت تعليمي ماهر ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا نمائندا پڻ شرڪت ڪندا جنهن ۾ حڪومت کي نياڻين جي تعليم جي سڌاري لاءِ جامع سفارشون پيش ڪيون وينديون. سيمينار ۾ تعليمي ماهرن ناهيد خان، غزاله سمون، فرزانه ابرو، مهرالنساءِ، شعيب الرحمان قاضي، محمود غني، محمد خان ڪاڪا، عبدالعزيز ڪاڪا، رحمت الله ترڪ، ايم بچل ميمڻ ۽ ٻين ضلعي اندر گرلز اسڪولن جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزن تي روشني وڌي. ان کان پوءِ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب آفيس حيدرآباد عبدالوهاب ميمڻ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس مٽياري ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪري سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي فوري حل لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي آفيسرن ۽ اسٽاف کي هدايتون جاري ڪيون.