عثمان شاهه هڙي/ ٽنڊو غلام علي/ مسو ڀرڳڙي (نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ راشن نه ملڻ خلاف مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ عثمان شاھ ھڙي ۾ قديم ڳوٺ ونھيل ٿيٻو ، پانڌي ٿيٻو ، بوبڪ ٿيٻو مڪمل طور  ٻڏي ويا آھن جنھن ڪري مقامي ڳوٺاڻن جا 200 کان مٿي ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا ۽ پڪن گهرن کي به ڏار پئجي ويا آهن. ڳوٺ ونھيل ٿيٻو جي عبدالعزيز عرف پانڌي ٿيٻو صحافين کي ٻڌايو ته مونکي افسوس آهي ضلعي ٽنڊوالهيار جي انتظاميا جي عملدارن تي جن ھن وقت تائين ھتان جي برسات متاثرين جي ڪنهن به قسم جي ڪابه واهر  نه ڪئي آهي ۽ بي گھر ماڻهو روڊن رستن تي بي يارو مددگار بڻيل آهن. ڳوٺن مان برساتي پاڻي ڪڍي امداد ڪري  کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. ٽنڊي غلام علي ۾ ڳوٺ سردار لغاري ۽ ڳوٺ فيض محمد لغاري جي ٻوڏ متاثرين جو ڳوٺ کان پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏجي پيادل احتجاجي مظاھرو ڪندا ڪانهيري روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويهي  رهيا. ڳوٺاڻن شير محمد لغاري,منظور لغاري, شاھجان لغاري, ايوب لغاري ۽ ٻين چيو ته طوفاني برسات سبب اسان جا گهر مڪمل ڪري پٽ پئجي ويا ۽ فصل سميت مڪمل ڳوٺ برساتي پاڻي جي لپيٽ اچڻ ڪري متاثرين بدحالي ۽ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ھنن چيو ته ڪالھ متاثرين لاء ڳوٺ ۾ آيل ٽينٽ ۽ راشن گهرڻ تي مختيار ڪار ماتلي جو بااثر تپيدار عثمان رستماڻي پوليس کي گهرائي اسان متاثرين مٿان لٺين جو وسڪارو ڪرائي ڏنو جنهن سبب ٻوڏ متاثر ايوب لغاري سخت زخمي ٿي پيو ڳوٺاڻن دانهون ڪندي چيو ته سرڪاري امدا ڀلي نه ڏيو لٺيون ته نه ھڻو ھنن وڌيڪ چيو ته حقيقي متاثرين کي اُھو چئي خالي موٽائي ڇڏيو ته سروي ھلي پئي فارم ڀرائي وڃو توھان لاء اڃا ڪا به امداد نه پهتي بااثر تپيدار خلاف ڪاروائي ڪري اسان حقيقي متاثرين کي ٽينٽ راشن ڏياري ڳوٺ مان برساتي پاڻي ڪڍائي اسان ڳوٺاڻن کي دربدري واري زندگي گارڻ کان بچايو وڃي, هوڏانهن مسوڀرڳڙي جو قديمي ڳوٺ صاحب خان نونداڻي ۾ برساتي پاڻي  نيڪال نہ ٿيڻ خلاف رھواسين نياز حسين الهوسايو جميل احمد  جنيد سهيل نونداڻي ۽  ٻين احتجاجي مظاھروڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ صاحب خان نونداڻي  کي چونڊيل نمائندن ۽ ضلع انتظاميه حيدرآباد ترقياتي ڪمن ۾ مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي ۽  لاڳيتو برساتن پوڻ ڪري ڪيترين غريبن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا نه مڇر مار اسپري ٿيو آهي ۽ نه ڪنهن کي راشن مليو آهي.