ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ آيل ڪي اين شاھ دادو ميھڙ ۽ ٻين شھرن مان آيل ٻوڏ متاثرين پاران واھر نه ٿيڻ کين کاڌ خوراڪ ٽينٽ نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرين احتجاجي مظاھرو ڪري ڊي سي ڄامشورو جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ضلعي انتظاميا خڪاف زوردار نعاري بازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن امير حسين ، غلام حسين ، ظھير ٿھيم ، يوسف سارنگ ۽ ٻين چيو ته اسان جو سڀ ڪجھ ٻوڏ ۾ لڙھي ويو سر بچائي ھتي پھتان آھيون کلي آسمان ھيٺ ھتي ٻچن سان گڏ ويٺا آھيون پر ضلعي انتظاميا توڙي ڊي سي ڄامشورو اسان جي ڪا به واھر نٿو ڪري اسان جا ٻچا کلي آسمان ھيٺ ويٺي بکن ۾ پاھ ٿي رھيا آھن اسان کي نه ٽينٽ مليا آھن ۽ نه ئي کاڌ خوراڪ ڏني ٿي وڃي اسان ٻارڙا بميارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ھنن مطالبو ڪندي چيو ته سندن واھر ڪئي وڃي