مٺي ( رپورٽر ) مٺي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  اوڀايو جوڻيجو، وسند ٿري، اياز کوسو، شازيه جوڻيجو، عمر بجير، اي بي چارو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ٻوڏ متاثرين ٿر جي کليل ميدانن تي بکن ۽ بيمارين جي ور چڙھي دربدر ۽ بي يارو مددگار بڻيل آھن، انتظاميا سندن واهر ناهي ڪئي،  ڪروڙين رپيا ڪوڙن ووچرن ذريعي هڙپ ڪيا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.