ڪراچي (نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ احساس سينٽرن تي پيهه، ايس او پيز مڪمل طور نظرانداز، ڀٽ شاهه احساس سينٽر تي رش سبب گرميءَ ۾ 3 عورتون بيهوش ٿي ويون، سينٽرن تي وظيفي جي پئسن مان ڪٽوتي جو سلسلو بند نه ٿيو. ان سلسلي ۾ ڀٽ شاهه جي احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن جي رش برقرار آهي، ايس او پيز تي عمل نه ٿي سگھيو، عورتن کان ڪٽوتي جو عمل به جاري آهي ڪوريج لاءِ پهتل صحافين جي ٽيم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ايجنٽ مافيا کين سينٽر مان ٻاهر نڪري وڃڻ جا فرمان جاري ڪيا. مستحق عورتن پاران پئسن ۾ ڪٽوتي جي شڪايتن تي ميڊيا جي ٽيم پھتي ته ايجنٽ مافيا ڊوائيسون بند ڪري ڇڏيون. ٻئي پاسي عورتن جي ھجوم ۽ گرمي سبب 3 عورتون بيھوش ٿي ويون جن کي فوري طور اسپتال موڪليو ويو. هوڏانهن قاضي احمد شھر ۾ احساس ڪفالت سينٽر مستحقن جي رقم مان پئسن جي ڪٽوتي وارو عمل جاري آهي. في ڪارڊ تي 500 کان ھڪ ھزار رپيا ڪٽوتي وارو عمل نه رڪجي سگهيو. ٻئي طرف غوثپور ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن جي وظيفي واري رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. هوڏانهن فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽرن ۾ غريب مستحق عورتن سان ڊوائيس مالڪن ايجنٽن ۽ ٻين پاران پوليس سرپرستي ھيٺ 500 کان 1000 رپيا ڪٽوتي جاري آهي. هوڏانهن ڳڙهي خيرو ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي ناجائز ڪٽوتي خلاف مستحق عورتن جو احتجاج ڪيو. ٻئي طرف ٺل جي ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽرن تي عورتن کان پنج سو کان هزار تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، ڪٽوتي خلاف معذورن احتجاج ڪيو.هوڏانهن گپچاڻي ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تي ايس او پيز تي عمل نه ٿيو، سهولتن جي کوٽ، مستحقن جي پئسن مان ڪٽوتي جو سلسلو نه رڪجي سگهيو. ٻئي طرف سٺ ميل ۾ احساس ڪفالت سينٽر ۾ ايجنٽ سرگرم، مستحق عورتن جي پئسن مان 3 کان 5 سو رپيا ڪٽوتي ڪرڻ لڳا. هوڏانهن ميرواهه گورچاڻي ۾ احساس سينٽر تي عورتن جي رش، مستحق عورتن پاران پنج سو کان هڪ هزار رپيا ڪٽوتيءَ جون ميڊيا اڳيان شڪايتون ڪيون ويون. ٻئي طرف گهوٽڪي ۾ ڊي سي محمد عثمان عبدالله احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن جي رقم مان ڪٽوتي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي احساس ڪفالت پروگرام جي انچارج اسحاق نائچ، ايچ بي ايل جي زونل مئنيجر گلشاد ۽ ايڇ بي ايل فرنچائيز جي فرمان چانڊيو کي آفيس طلب ڪري ورتو، ان موقعي تي ڊي سي احساس ڪفالت پروگرام جي انچارج کي ڇنڊ پٽيندي هدايت ڪئي ته سمورين عورتن کي بغير ڪٽوتي جي مڪمل رقم فراهم ڪئي وڃي. هوڏانهن ٺڪراٺي هاءِ اسڪول ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تي ڊوائيس ايجنٽن پاران في ڪارڊ تي پنج سئو رپيا ڪٽوتي جي متاثرن پاران ميڊيا تي شڪايت بعد ڊوائيس ايجنٽ ڪاوڙجي پيا، جن احساس سينٽر کي ٻن ڏينهن کان بند ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف ٺري ميرواھ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن لاءِ آيل رقم مان ڊوائيس هلائيندڙن ۽ ايجنٽن پاران سري عام ڪٽوتي جاري آهي.