ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪورونا وائرس سبب جسقم جو سائين جي ايم سيد جي ورسي ڏينهن سن ۾ جلسو ملتوي، عيد بعد هر ڊويزن ۾ جلسا ڪرڻ ۽ رڳو مرڪزي قيادت پاران سيد جي مزار تي حاضري ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ جسقم جو مرڪزي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25 اپريل تي سائين جي ورسي تي آچر ڏينهن لاڪ ڊائون هجڻ ڪري جلسو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته سيد جي مزار تي حاضري به رڳو مرڪزي قيادت چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڀريندي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ اجلاس ڪوٺائي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاھ، سميت سنڌ جي هر ڊويزن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي جلسن جو اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ سنڌ جي بقا آهي، سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ شهيد بابا بشير قريشي جي اختيار ڪيل جدوجهد جي رستي تي هلي سنڌ جي مالڪي ڪنداسين، هن چيو ته عيد بعد سيد جي ورسي جا جلسا هر ڊويزن ۾ ڪيا ويندا، جنھن جي دعوت هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شهر ۾ ڏني ويندي، جڏهن ته مرڪزي پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته جسقم ۽ صنعان خان قريشي جو نالو استعمال ڪري ڪجهه عناصر ڀتا خوري ڪري رهيا آهن، جن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو وڃي، جسقم سنڌ جي نمائنده پارٽي آهي، ڪنهن کي به اجازت ناهي ته پارٽي جو نالو استعمال ڪري پارٽي کي بدنام ڪيو وڃي.