گلاب لغاري (ن پ ا) گلاب لغاريءَ ويجهو سنڌ جي تاريخي ۽ قديم ماڳ اگھم ڪوٽ جي سموري ايراضيءَ ۾ موجود مقبرن ۽ ٻين اڏاوتن کي اوقاف کاتي جي تحويل ۾ ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف محمد شريف شيخ ھڪ نوٽيفڪيشن ذريعي سنڌ وقف پراپرٽيز ايڪٽ 2020 جي شق 8 جي ذيلي سيڪشن 1 تحت گلاب لغاري ڀرسان موجود سنڌ جي تاريخي ماڳ اگھم ڪوٽ جي 74 ايڪڙ 24 گھنٽا ايراضي ۾ موجود سموري قبرستان، مقبرن، اوتارن ۽ سبيلن جي سنڀالي جو انتظام اوقاف کاتي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل ھڪ ٻئي آرڊر مطابق سروي آفيسر بھاول خان لغاري اسسٽنٽ ڪريم بخش قمبراڻي ۽ ٻن ڪلارڪن الھبچايو لغاري ۽ سيد حڪيم شاھ کي مقرر ڪري انتظام سندن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.