روهڙي (ن پ ا) روهڙي ۾ مڙس ۽ ڏير هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل ناري رفيعه عرف سيما جي تعلقي اسپتال مان ڊاڪٽرياڻي پاران ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ناري مٿان تشدد جي تصديق ڪئي وئي آهي، ٻي پاسي متاثر ناري جي فرياد تي روهڙي ٿاڻي ۾ سندس مڙس ڪاشف قاضي ۽ ڏير مزمل اويس قاضي مٿان تشدد ۽ تذليل جو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد روهڙي پوليس جوابدار مزمل اويس قاضي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن پوليس گرفتار ڪيل مزمل اويس قاضي کي روهڙي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ، عدالت جوابدار جو 4 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.