ڏهرڪي (ن پ ا) چڪ نمبر 203 جي رهواسڻ ناري عائشه عرف سميا فاطمه ڪوٽ سبزل مئجسٽريٽ وٽ پهچي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني آھي ته 10 مهينا اڳ مون کي ۽ منهنجي شادي شده سئوٽ آبرو فاطمه کي عمران شر، محمود شر، الله داد، سبحان شر ۽ عثمان شر گهران دوکي سان سڏي اغوا ڪيو، ناري موجب عمران شر ۽ ولي خان مونسان اجتمائي ڏاڍائي ڪندا رهيا ۽ مون کي قيد ڪري تشدد ڪندا هئا، منهنجون وڊيوز به ڀريون ويون ۽ مون کان زبردستي ڪاغذن تي صحيحون ورتيون ويون، مان قتل جي خوف کان خاموش رهيس ۽ مون کي چيو ويو ته تنهنجا وارث توکي قتل ڪرڻ لاءِ ڳوليندا رهن ٿا، ناري موجب مون کي مسلسل اجتمائي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو، مون کي حمل به ٿي ويو آھي. نوٽيس وٺي مونسان انصاف ڪيو وڃي، ياد رهي ته 10 مهينا اڳ عائشه عرف سميا فاطمه گهران نڪري عمران شر سان پسند جي شادي ڪئي هئي، هڪ مهينو اڳ ناري مڙس عمران شر ۽ سندس سئوٽ سبحان شر سان گڏجي سکر عدالت وڃي رهيا هئا ته ناري جي وارثن مبينا طور حملو ڪري پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جي سئوٽ سبحان شر کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو ۽ ناري کي وارث کڻي هليا ويا هئا. سبحان شر جي قتل ۽ ناري عائشه جٽ جي اغوا جو ڪيس ڏهرڪي ٿاڻي تي مقتول سبحان شر جي ڀاءُ عثمان شر جي فرياد تي ناري جي وارثن مٿان داخل ٿيل آھي. ٻي طرف مارجي ويل سبحان شر جي ڀاءُ عثمان شر ٻڌايو ته ناري پنهنجي رضا خوشي سان عمران سان پرڻو ڪيو ۽ عدالت ۾ به بيان رڪارڊ ٿيل اٿس، منهنجي ڀاءُ سبحان کي بي گناهه قتل ڪيو ويو، هن وقت ناري مٿان وارثن دٻاءُ وجهي اهڙو بيان ڏياريو آھي.