حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي جي حد مبارڪ ڪالوني ۾ قائم خانگي اسڪول جي رهائشگاهه مان 33 ورهين جي ماسترياڻي آمنه ڌيءُ اخلاص گلگتي خواجه جو لاش مليو، جڏهن ته هڪ ماسترياڻي 28 ورهين جي سلطانه ڌيءُ ڪريم احمد گلگتي خواجه کي بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس ۽ ڪميونٽي اسڪول جي انتظاميا جا عملدار سول اسپتال پهتا جتي اسڪول جي انتظاميا فوت ٿيل ماسترياڻي آمنه بابت سندس وارثن کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد وارث به سول اسپتال پهچي ويا. ابتدائي طور بلديا ٿاڻي جي پوليس ڄاڻايو ته ماسترياڻي جو موت فوڊ پوائيزن سبب ٿيو آهي پر معاملي بابت واضح طور بيهوش ٿيل ماسترياڻي جي هوش ۾ اچڻ کانپوءِ سندس بيان کي نظر ۾ رکندي ٻڌايو ويندو. اسپتال ۾ بيهوشي واري حالت ۾ پهتل ماسترياڻي سلطانه گلگتي خواجه هوش ۾ اچڻ بعد پوليس کي بيان ڏنو. بلديا پوليس جي دعويٰ آهي ته ماسترياڻي ٻڌايو ته هو ڪراچي مان 19 اپريل تي حيدرآباد پهتيون جتي شام جو 4 بجي انهن رات جي ماني لاءِ چانور ٺاهي رکي ڇڏيا هئا. جيڪي انهن رات جو 10 وڳي کاڌا جنهن بعد هو هڪ ئي ڪمري ۾ سمهي پيون. پوليس موجب هوش ۾ آيل ماسترياڻي اهو به بيان ڏنو آهي ته هو رات جو دير سان پاڻي پيئڻ لاءِ اٿي ته آمنه کي بيهوش ڏسي هن مدد لاءِ رڙيون ڪيون پر سندس ڪو به واهر لاءِ نه پهتو جنهن بعد هوءَ پاڻ به بيهوش ٿي وئي. پوليس موجب صبح جو اسڪول جي ماسين ماسترياڻين کي ڪلاس ۾ نه ڏٺو جنهن بعد هو مٿي سندن رهائش گاهه پهتيون ته ٻئي کين بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيون جن کي کڻي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. بلديا پوليس جي عملدار عارف موجب ته فوتي ماسترياڻي جي لاش جو پوسٽ مارٽم سندس چاچي نواز خان گلگتي نه ڪرڻ ڏنو. سندس لکت وارو بيان وٺي ماسترياڻي جو لاش حوالي ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ لاش ڪراچي کڻائي ويو. بلديا پوليس اها دعويٰ به ڪئي ته ماسترياڻي جو موت فوڊ پوائيزن سبب ٿيو آهي پر ميڊيڪو لگل شعبي جي ڊاڪٽرن پوليس جي ان دعويٰ سان اتفاق نه ڪيو. ايم ايل او ڊاڪٽر وسيم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ماسترياڻي جو موت پاروٿو کاڌو واپرائڻ سبب ٿيو آهي ته اهو ساڳيو کاڌو هوش ۾ آيل ماسترياڻي به واپرايو هو، پوءِ ان کي پاروٿي کاڌي متاثر ڇو نه ڪيو؟ ڊاڪٽر وسيم موجب ته ماسترياڻي جو موت طبي به ٿي سگهي ٿو پر سندس موت جي تصديق پوسٽ مارٽم ڪرڻ سان ٿئي ها پر ماسترياڻي جي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو.