لاهور(م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته محسن نقوي جي مقرري نٿا مڃون، سپريم ڪورٽ ويندس. نئين نگران وزيراعليٰ جي مقرري تي رد عمل ڏيندي پرويز الاهي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو تڪراري ۽ هر اصول ۽ ضابطي جي خلاف آهي. هن چيو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته منهنجي ويجهي عزيز کي نگران وڏو وزير بڻايو وڃي. هن چيو ته محسن نقوي پي ٽي آءِ جو ڪٽر مخالف آهي، اڄ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي