لاهور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان احتساب جي نالي تي نوازشريف کي هٽائڻ جو حصو آهي، عمران خان احتساب جي نالي تي ن ليگ کي نشانو بڻايو، هو ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ افراتفري پکيڙيندڙ ايجنٽ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان سياست کي بدنام ڪيو، معاشري کي ورهايو ۽ رياستي ادارن کي ڪمزور ڪيو. هن چيو ته عمران خان 2013ع کان ملڪ کي انتشار ۽ افراتفري جو نشانو بڻايو آهي. سندس ناڪاري طرز عمل سياسي ڪلچر کي زهر آلود ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سوئيڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سوئيڊن ۾ ساڄي ڌر جي انتهاپسندن جي طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي گهٽيا عمل جي ڪيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، هن چيو ته آزادي جي اظهار جي آزادي جي لبادي کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڏيڍ ارب مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته سوئيڊن ۾ ساڄي ڌر جي انتهاپسندن طرفان ڪيل شرمناڪ عمل ناقابل قبول آهي.