ڪراچي (م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل هڪ ڀيرو وري شڪايت ڪئي آهي ته عوام وزيراعظم شهباز شريف کان اِهو سوال ڪري سگهي ٿو ته مفتاح اسماعيل کي ڇو ڪڍيو ويو؟ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته ڇا اسحاق ڊار جي ڪارڪردگي مفتاح اسماعيل کان بهتر آهي؟ اڳوڻي ناڻي واري وزير اِهو به چيو ته سپٽمبر تائين مُلڪ جون حالتون بهتر هيون ۽ ڏيوالي جو خطرو نه هو، جيڪڏهن اُن وقت ئي اهم فيصلا ڪيا وڃن ها ته بهتر هو.