محرابپور ( رپورٽ: محسن ملاح ) محرابپور شهر جي نيوٽائون واري علائقي ۾ لانگڙجي شاخ ويجهو رهائشي 6 سالن جي ٻارڙي صغريٰ ڌيءُ محمد لائق سان مبينا طور زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف ڪندي نينگري جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙي گهر ٻاهران راند ڪري رهي هئي ته ٽن نامعلوم جوابدارن جن ۾ ٻه نوجوان ۽ هڪ نينگر شامل آهن جن هڪ جڳهه ۾ ٻارڙي کي کڻي وڃي ساڻس زيادتي ڪئي جنهن سبب ٻارڙي جي حالت پڻ خراب آهي اسان ٻارڙي کي کڻي ٿاڻي تي آندو جتان ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آياسين جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب ڪنڊيارو موڪليو ويو جتي ڊاڪٽر سڀاڻي رپورٽ ڏيڻ جو چيو آهي معصوم نينگري سان زيادتي ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. اهڙو اطلاع ٿاڻي تي پڻ ڏنو پر اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان پرزور مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي وارثن واقعي جو اطلاع ڏنو جنهن بعد کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو ويو. واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي جنهن وقت به نينگري جا وارث ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.