لاهور(م ڊ) لاهور جي مدرسي جي کٿابي سان استاد جي بدفعلي جي وڊيو سامهون اچي وئي، مدرسي جي انتظاميا معلم کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. لاهور ڪينٽ جي علائقي عيدگاهه صدر ۾ واقع مدرسي جامعه منظور الاسلاميه جي انتظاميا مدرسي جي معلم مفتي عزيز الرحمان کي نوڪري مان ڪڍڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته توهان خلاف شاگرد سان بدفعلي جي نازيبا وڊيو ملي آهي جيڪا توهان جي پٽ الطاف الرحمان کي به ڏيکاري وئي آهي ان ڪري توهان کي اداري مان فارغ ڪيو وڃي ٿو توهان پنهنجو سمورو سامان مدرسي مان کڻي وڃو. واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته کٿابي جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ نه آيا ته سرڪار طرفان ڪيس داخل ڪرايو ويندو. ٻئي طرف معلم عزيز الرحمان چيو آهي ته مون کي ڪا نشي وارو شربت پياري اهو واقعو ڪرائي وڊيو ڀري وئي واقعي وقت پنهنجي هوش حواس ۾ نه هيس.