ڪراچي(م ڊ) موسميات کاتي پاران 18 ۽ 19 جون تي برساتن ۽ تيز هوائن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ موسميات کاتي پاران الرٽ جاري ڪندي چيو ويو آهي ته انهن ٻنهي ڏينهن تي برساتن سان گڏ تيز هوائون گھلڻ جو به امڪان آهي، ان ڪري سول ايوي ايشن اٿارٽي کي به آگاهه ڪيو ويو آهي ته ان ڏينهن احتياط ڪيو وڃي. 18 ۽ 19 جون واري ڏينهن جهاز خاص طور تي ننڍا جهاز اڏائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.