لاهور (بيورو رپورٽ) مني لانڊرنگ ڪيس بابت نوازشريف شهباز شريف کي ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي ۾ طلبي جي معاملي تي شهباز شريف ۽ نوازشريف وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو. ذريعن موجب ايف آءِ اي ۾ پيشي جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون جنهن کان پوءِ نوازشريف شهباز شريف کي ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. نوازشريف شهباز شريف کي قانوني ماهرن سان صلاح مشورا ڪري سمورا قانوني آپشن استعمال ڪرڻ جي هدايت ڏني. نوازشريف هدايت ڪئي ته کنڊ اسڪينڊل ۾ ايف آءِ اي جي طلبي تي پارليامينٽ ۽ هر فورم تي مذمت ڪئي وڃي،کنڊ اسڪينڊل ۾ منهنجو ڪوبه ڪردار نه آهي. ان لاءِ مون کي گهرائڻ جو مقصد ئي نٿو ٺهي. شهباز شريف چيو ته نيب به ان حوالي سان جاچ ڪري چڪو آهي پر منهنجي خلاف ڪجهه به ناهي ڳولي سگهيو. جيڪو به قانوني رستو هوندو اهو اختيار ڪيو ويندو. هوڏانهن شهباز شريف ايف آءِ اي جي طلبي تي قانوني ٽيم سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ کيس پيش ٿيڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي، شهباز شريف کي ايف آءِ اي 22 جون تي طلب ڪيو آهي.