اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بجيٽ تي تقرير مڪمل نه ڪري سگهيو، شهباز شريف جي تقرير دوران ڪالهه ٽئين ڏينهن تي به حڪومتي ميمبرن جو هنگامو، نواز ليگ جي ميمبرن پاران اڇلايل سينيٽائيزر سان حڪومتي ميمبر اڪرم چيما زخمي، اسپيڪر پاران هنگامو ڪندڙ 7 ميمبرن جي ايوان اندر اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، ٻن ميمبرن کي ايوان مان نيڪالي ڏني وئي. جڏهن ته اسپيڪر واقعن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي لاءِ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر کي 6-6 نالا گهري ورتا، مخالف ڌر نالا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه مقرر وقت 2 وڳي کان 2 ڪلاڪ دير سان 4 وڳي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته اسپيڪر اسد قيصر ڳالهائيندي چيو ته 14 ۽ 15 جون تي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ جيڪا صورتحال ٿي اها افسوسناڪ آهي، جن ميمبرن غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا انهن ايوان جي تذليل ڪئي آهي، نواز ليگ جي رانا تنوير تجويز ڏني آهي ته ان صورتحال توڙي ايوان جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جنهن لاءِ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن جا 6- 6 نالا تجويز ڪري جيڪا ڪاميٽي اهو طئي ڪري ته ايوان جي ڪارروائي ڪيئن هلائڻي آهي؟ ان ڪاميٽي جيڪي سفارشون ڏنيون انهن تي عملدرآمد ڪرائيندس، هن چيو ته حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن پاران نالا ڏيڻ تائين ايوان جي ڪارروائي معطل ڪريان ٿو، ان دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخالف ڌر جا ٻيا ميمبر سيٽن تي بيهي رهيا، اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ جو مطالبو ڪندا رهيا، پر اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي، 40 منٽن بعد ٻيهر اجلاس ٿيو، شهباز شريف تقرير شروع ڪندي چيو ته ڪالهوڪو ڏينهن پارلياماني تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، عمران خان نيازي جي حڪم تي گارگند ۽ بدزباني جو مظاهرو ڪيو ويو، اسپيڪر جو فرض هو ته ان بدتميزي جي طوفان کي روڪي ها ۽ ايوان جو تقدس بحال ڪري ها، جڏهن ته اپوزيشن فيصلو ڪيو هو ته اسان جي تقرير ٻڌي ويندي ته اسان به وزيراعظم جي تقرير ٻڌنداسين، پر اپوزيشن ليڊر جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرن ٻيهر گوڙ ڪيو جنهن دوران حڪومتي ۽ نواز ليگ جي ميمبرن وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي جنهن تي نواز ليگ جي ميمبر سينيٽائيزر جي بوتل حڪومتي ميمبرن ڏانهن اڇلائي جيڪا حڪومتي ميمبر اڪرم چيما جي منهن ۾ لڳي جنهن ڪري هو زخمي ٿي پيو، اهڙي صورتحال تي اسپيڪر 15 منٽن لاءِ ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي، ائين هڪ ڀيرو ٻيهر 5 منٽن تائين ڪارروائي هلي سگهي جنهن کان پوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪجهه دير کان پوءِ ايوان ۾ اچي چيو ته مون پارلياماني ڪاميٽي لاءِ نالا گهريا هئا پر اپوزيشن نالا ناهن ڏنا، مان چاهيان ٿو ته ايوان هلي، جيستائين ٻنهي پاسي معاملا طئي نه ٿيندا ته ڪارروائي شروع نه ٿيندي، جنهن بوتل اڇلائي آهي ان کي ايوان مان ڪڍيو وڃي، اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪريان ٿو، ائين ڪالهه ٽئين ڏينهن به اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بجيٽ تي تقرير مڪمل نه ڪري سگهيو، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر 14 ۽ 15 جون تي قومي اسيمبلي ۾ ٿيل واقعن کي بنياد بڻائيندي وزيراعظم جي خصوصي معاون علي نواز اعواڻ، عبدالمجيد خان، فهيم خان، نواز ليگ جي شيخ روحيل اصغر، علي گوهر خان، چوڌري حامد حميد ۽ پيپلزپارٽي جي آغا رفيع الله مٿان ايوان اندر داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، ان حوالي سان جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته انهن ميمبرن تي ايندڙ حڪم تائين پابندي لاڳو تصور ٿيندي، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن کي بجيٽ بڪ هڻندڙ وفاقي وزيرن علي امين گنڊاپور، وفاقي وزير مراد سعيد، پي ٽي آءِ ڪراچي سان تعلق رکندڙ سيف الرحمان ۽ ڪيترن ئي حڪومتي ميمبرن خلاف ڪارروائي نه ڪئي. ايوان اندر داخل ٿيڻ تي پابندي جو جنهن وقت حڪم جاري ڪيو ويو ان وقت نواز ليگ سان تعلق رکندڙ شيخ روحيل اصغر ۽ پيپلزپارٽي جو آغا رفيع الله قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ موجود هئا، ٻنهي ميمبرن وٽ سارجنٽ ايٽ آرمز پهچي ايوان کان ٻاهر وڃڻ جي درخواست ڪئي پر ٻنهي ميمبرن سارجنٽ کي ٻاهر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪجهه دير بعد ٻئي ميمبر نڪري ويا، سارجنٽ نواز ليگ جي علي گوهر خان کي ايوان ۾ اچڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن تي علي گوهر چيو ته ايوان ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، علي امين گنڊاپور ۽ شيرين مزاري، مراد سعيد به هنگامو ڪيو آهي ڇا انهن کي معطل ڪيو ويو آهي؟ اسپيڪر جانبداري جو مظاهرو ڪيو آهي منهنجو نياپو اسپيڪر کي پهچايو ته وفاقي وزيرن کي معطل نه ڪيو ويو ته مان به اسيمبلي ۾ ايندس.

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چيمبر ۾ مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (نواز) جي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز ليگ جي صدر شهباز شريف، رانا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، شازيه مري شريڪ ٿيا، ملاقات دوران قومي اسيمبلي جي 14 ۽ 15 جون تي ٿيل اجلاسن دوران صورتحال تي غور ڪيو ويو، مخالف ڌر اجلاس ۾ اسپيڪر اسد قيصر خلاف به بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ لاءِ گڏيل اپوزيشن جي ڪاميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ڪاميٽي کي رٿ آڻڻ جو ٽاسڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٿيل اجلاس ۾ مخالف ڌر گڏيل موقف اختيار ڪندي چيو ته 15 جون جو ڏينهن پارلياماني تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو، اسپيڪر پنهنجون آئيني، قانوني، جمهوري ۽ پارلياماني ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، اجلاس کان پوءِ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهباز شريف اپوزيشن ليڊر آهي، ان سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو ان سان وزيرن جي ڪهڙي عزت رهجي وئي آهي؟ اسان شهباز شريف سان يڪجهتي لاءِ آيا آهيون ۽ ايندڙ وقت لاءِ سياسي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي آهي، ان تي گڏجي عمل ڪنداسين، وزيراعظم ٻارن وانگر وزيرن کي هدايتون ڏئي رهيو آهي، اسان سنجيده سياستدان آهيون، وزيراعظم ملڪ کي هلائڻ ۾ دلچسپي نه وٺي رهيو آهي، حڪومتي رويي تي ردعمل نه ڏيڻ جمهوريت لاءِ خراب هوندو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته 15 جون تي پيش آيل صورتحال جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، واقعي سان دنيا ۾ خواري ٿي آهي، حڪومتي وزيرن جو رويو سڀني ڏسي ورتو آهي، بلاول ڀٽو پاران يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي سندس ٿورائتو آهيان، ايندڙ وقت جي سياسي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي آهي.