ڪوٽڏيجي (ن پ ا) محرابپور واسڻ اقرا ڌيءَ لطيف ڏنو شيدي ساڳئي شهر جي نوجوان الهڏتو ولد عاشق حسين خاصخيلي سان ٺري ميرواهه جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ناري اقرا شيدي صحافين کي ٻڌايو ته برادري جي نوجوان سان شادي ٿيل هئي، جيڪو هڪ سال اڳ فوت ٿي ويو، راز خوشي سان الهڏتو خاصخيلي سان پسند جي شادي ڪئي آهي، ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، منهنجو پي لطيف ڏنو، ظهير، ذلفو شيدي محبوب ۽ بابر منهنجي مڙس الهڏتو ان جي پيءُ ۽ ڀائرن مٿان اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، الهڏتو خاصخيلي ٻڌايو ته اسان ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪندا آهيون منهنجي گهرواري جا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن, هن چيو ته اسان جي جان کي خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي.