سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀوديرو لڳ نواڙو شريف ۾ قتل ٿيل گسٽا اڳواڻ دلبر حسين چنڊي جي ڀائيٽي سجاد علي چنڊي کي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي، مقتول جي چاچي گسٽا اڳواڻ استاد دلبر حسين چنڊي چيو ته تشدد ڪري منھنجي ڀائٽي کي قتل ڪيو ويو آھي، هن وقت تائين تعزيت جو سلسلو هلي رهيو آھي، هتان فارغ ٿي ڪيس داخل ڪرائيندس. هن وڌيڪ چيو ته سوڀوديرو پوليس جاچ ڪري رهي آھي، قاتلن جو پتو ناهي پئجي سگهيو، اسين به جاچ ڪريون پيا ته جيئن حقيقي قاتلن تائين پھچي سگهون، ڪنھن بي گناهه سان ظلم نه ٿئي. ايس ايچ او سوڀوديرو چيو ته مقتول سجاد علي چَنڊي جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن آيا. قتل ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي، گرفتار شڪي ماڻھن کان جاچ جو سلسلو جاري آھي گهڻ رخي جاچ ڪري رهيا آھيون. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان جي جسم تي تشدد ٿيل هو، هن جي جسم جا جزا مختلف ليبارٽرين ۾ موڪليا آھن. رپورٽون اچڻ کان پوءِ ئي موت جو ڪارڻ ٻڌائي حتمي رپورٽ ڏئي سگهجي ٿي.