مٺياڻي (ن پ ا) جسقم جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام 6 جون تي اعلانيل بحريا ٽائون اڳيان احتجاج مهم هلائڻ جي حوالي سان چيو آهي ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، بحريا ٽائون سميت ڪراچي کان ڄامشورو ۽ حيدرآباد تائين هائوس اسڪيمون جوڙي سنڌ جي قيمتي زمين تي والار ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سمورين هائوس اسڪيمين ۾ ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، جيڪا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ منظم ۽ تاريخي جدوجهد جي ضرورت آهي، 6 جون تي بحريان ٽائون اڳيان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي گڏيل ڌرڻي ۾ بنا پارٽي جي فرق سان شرڪت ڪري ڌرڻي کي ڪامياب ڪيو وڃي.