ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ ڳوٺ محمد حسن بروھي جي رهواسي ڳوٺاڻن غلام علي بروھي، منير احمد ، فقير محمد ۽ حضوربخش بروھي جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪندي چيو ته، اسان جي زرعي زمين تي قبضي جو ڪيس فيض رسول ۽ اشرف آرائين واري ڌر خلاف عدالت سڳوري ۾ ھلندڙ آھي جڏھن ته ٻه ڏينھن اڳ مخالف ڌر جي فيض رسول ۽ اشرف آرائين رات جو ڳوٺ ويندي اسان جي نوجوانن ناصر بروھي ، منير احمد ۽ عمران بروھي تي ھٿيارن سان حملو ڪيو جنھن ۾ گولي لڳڻ سبب ناصر بروھي سخت زخمي ٿي پيو جيڪو نواب شاھ اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي اسان حملي جو ڪيس ڀرياروڊ ٿاڻي تي جوابدارن فيض رسول ، اشرف آرائين ۽ ٻين تي داخل ڪرايو پر ڀرياروڊ پوليس ايف آء آر داخل ڪرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪيا آھن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.