محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو برسات متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ عملي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي عزيز الله، نعمان پيرزادو، حيات علي، آفتاب گوپانگ ۽ ٻين چيو ته  اڳوڻي ڊي سي جي دور ۾ آيل ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جو سامان  ٽينٽ راشن ھڙپ ڪري وڪرو ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اي سي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون، رڳو ڪوڙا دلاسا ڏنا پيا وڃن، هنن چيو ته متاثرن جي هن وقت تائين ڪا به واھر ناھي ڪئي وئي، ھنن مطالبو ڪيو ته سامان جي جاج ڪرائي واھر ڪئي وڃي.