نصرپور (ن پ ا) نصرپور ۾ مھيني کان گيس لوڊشيدنگ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا. واپاري اتحاد جي سڏ تي مٽياري چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن وحيد پليجو، ايڊووڪيٽ سڪندر دائود پوٽو، سليم گل ابڙي، ڊاڪٽر در محمد درس، اسحاق پرھيار، انيس دائود پوٽو، سرتاج احمد ۽ ٻين چيو ته سئي گئس آفيس ۾ مقرر آفيسرن جي شھرين سان بدديانتي سبب ھو ھٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري رھيا آھن جنھن سبب ھر وقت اسان مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيو اسان جا معصوم ٻارڙا بنا ناشتي جي اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن جڏھن واپس اچن ٿا ته به گئس نه ھئڻ سبب اھي بکيا رھن ٿا انهن وڌيڪ چيو ته سيارو ھئڻ سبب مسجدن ۾ گرم پاڻي نه ٿيڻ سبب وضو ڪرڻ به مشڪل ٿيو پوي انهن چتاءُ ڏيندي چيو ته ھن احتجاج کانپوءِ به گئس انتظاميا پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته هڪ ھفتي کانپوءِ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري پنهنجين عورتن ٻارڙن سميت گئس آفيس جي اڳيان توا، چڪرا، ويلڻ کڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو.