مانجھند (ن پ ا) مانجھند ۾ تعليم جاڳرتا ريلي ٻار پڙھايو سنڌ سنواريو جي سري ھيٺ ريلي ھاء اسڪول مان ڪڍي وئي .ريلي ۾ تعليم جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ڊائريڪٽر عزيزالله اوڍو ڊي او ھاء سيڪينڊري ڪريم بخش سومرو ڊي او پرائمري پانڌي خان ٽالپر ۽ ٻين ايجوڪيشن جي عملدارن جي ڀرپور شرڪت ريلي جي شروعات مانجھند ڪيمپس بوائز ھاءاسڪول کان ٿي جيڪا شھر جي مين بازار کان ٿيندي ڪولھي ڪميونٽي جي پرائمري اسڪول جو بنياد رکي اسڪول ۾ پڙھڻ لاء شاگردن جي داخلا پڻ ڪئي ۽ اقليتي برادري ساھڙآباد جي ڪالوني ۾ اسڪولي ڪتاب ۽ بيگ تقسيم ڪري نئين پرائمري اسڪول جو بنياد رکيو ۽ ڪولھي برادري جي مردن ۽ عورتن سان ملاقات پڻ ڪئي سندس چوڻ ھيو ته سنڌ ۾ اقليتي برادري تعليم جي حوالي سان پٺ تي پيل آھي. سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته  مانجھند تعلقي سميت سموري سنڌ جي تعليم کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون جن استادن جي پگھار نه ٿيڻ جو مسئلو آھي جلد حل ڪيو ويندو ۽ جن اميدوارن کي آفر آرڊر مليا آھن انھن کي ڪجھ ڏينھن اندر جوائننگ آرڊر ڏئي بقايا مانجھند تعلقي ۾ بند پيل اسڪول کوليا ويندا استادن جي کوٽ ھئڻ ڪري سنڌ جي تعليم متاثر ٿي پر نون استادن مان وڌيڪ اميد ڪجي ٿي نون ڀرتي ٿيندڙ استادن کي چيو ته وڌ کان وڌ انرولمينٽ وڌائڻ تي ڪم ڪن سنڌ ۾ ڪيترائي ٻارڙا تعليم کان محروم آھن جن اسڪولن جون عمارتون بنجر آھن يا جيڪي اسڪول بغير عمارتن جي ھلي رھيا آھن انھن لاء ورڪس ڊپارٽمينٽ سان رابطي ۾ آھيون ته جلد عمارتن جا ڪم شروع ڪيا ويندا   سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته مانجھند ۾ نئين سنڌ اڏڻ جو خواب کڻي ڪولھي ۽ باگڙي اقليتي برادري جي معصوم ٻارڙن جي روشن مستقبل لاء نئين اسڪول جو بنياد رکي خوشي محسوس ٿئي پئي.