ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هي تاريخي ۽ اهم مهينو 18 مارچ 2023ع آهي، جيڪڏهن 75 سالن کانپوءِ به حڪمران پنهنجي روش تي قائم آهن ته پوءِ ڪجهه به بدلجڻ وارو ناهي، 21 مارچ تي پوري دنيا ۾ بهار جي موسم ايندي، 23 مارچ تي ملهائجندڙ يوم پاڪستان انهي هفتي ئي آهي، جيڪڏهن 23 مارچ پاڪستان ٺاهڻ جوا رادو هو ته 18 مارچ پاڪستان بچائڻ جو واعدو آهي، ڪالهه 39هين يوم تاسيس جي جلسي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان جي ضمير کان اهو سوال ٺهي ٿو ته جن ماڻهن 23 مارچ 1940 تي پاڪستان جو ارادو ڪيو، انهن جي اولاد کي 18 مارچ تي ايم ڪيو ايم ٺاهڻ ۽  پاڪستان بچائڻ جو واعدو ڇو ٿو ڪرڻو پوي؟ خوشنصيب هئاسين ته آزادي ملي پر بدنصيب آهيون جو انهي جو قدر نه ڪيو، انهي آزادي لاءِ 25 لک انساني جانين ۽  ڪروڙين ماڻهن جي لڏپلاڻ جي قرباني ڏني پر پاڪستان جو نصيب نه بدليو، اڄ کان نئين جدوجهد جو آغاز ڪيو ويندو، هاڻي زيادتين خلاف احتجاج نه مزاحمت ڪنداسين ، هن چيو ته پاڪستان ۾ ظالم ۽ مظلوم صرف ٻه قومون، حاڪم ۽ محڪوم 2 طبقا آهن، پختونن، بلوچن، سنڌين، سرائيڪين سميت ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي،  پاڪستان جنهن مقصد لاءِ ٺهيو هو انهي جي منزل تائين پهچندو، هن موبائل ڏيکاريندي چيو ت اسانجو هٿيار اسان جي هٿ ۾ آهي، اسانکي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، اسان جاگيرداراڻي جمهوريت کي نٿا مڃون، هاڻي ظالم  خلاف مزاحمت ڪرڻي آهي، ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو ته اڄ جي متحده بلڪل الڳ ۽ منفرد آهي، هن ايم ڪيو ايم جي سڏ تي سهراب ڳوٺ، لياري، شاهراه فيصل سميت هر هنڌان ماڻهو نڪرندا، جيڪڏهن ڪراچي کي حق ملندا ته ڪشمور ۽ گمبٽ کي به حق ملندا،  هي هٿيار  نه پر ٽوئيٽر جو زمانو آهي، ماڻهو ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائي عدالتي پيشي تان به ڀڄي ٿا وڃن، ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جا وکريل ماڻهو متحد ٿي ويا آهن، ههي جلسو سمورين سياسي پارٽين لاءِ آئينو آهي،هن چيو ته  ڳوٺ پڪا ڪرڻ جي جي نالي ۾ اربين رپيا ڪمائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، انهي منصوبي کي ايم ڪيو ايم رد ڪري ٿي، جلسي کي نسرين جليل، انيس قائمخاني، خواجا اظهار الحسن ۽ ٻين خطاب ڪيو.