ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي پاڪستان جي عوام جي اميد آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪي پي، صوابي ۽ باجوڙ جي ڪيترن ئي ماڻهن جماعت اسلامي ۾ شرڪت ڪئي آهي، ڪراچي واسين اسلامي انقلاب لاءِ زندگي وقف ڪئي آهي، جماعت اسلامي انسانن کي انسانن جي غلامي مان ڪڍڻ چاهي ٿي، اسان اهڙو نظام چاهيون ٿا جنهن ۾ ظلم، استحصال ۽ طبقاتي نظام نه هجي،  مڪمل صلاحيتن جي بنيادن تي سڀني کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي، جماعت اسلامي رڳو سياسي نه پر ديني ۽ نظرياتي پارٽي آهي، اسين دعوت تبليغ ۽ تعليمي ادارا به هلايون ٿا، ڪراچي واسي عبدالستار افغاني ۽ نعمت الله خان جي ڪري جماعت اسلامي تي اعتماد ڪن ٿا، هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن هن شهر سان بي انصافي ڪئي آهي، جماعت اسلامي ڪراچي جي هڪ هڪ ووٽ جو تحفظ ڪندي، ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو ئي هوندو. ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻين  خطاب ڪيو.