لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جي ٽيم پاڪستان سپر ليگ سيزن 8 جي فائنل ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ملتان سلطانز کي هڪ رنز تان شڪست ڏئي لاڳيتو ٻيو ڀيرو پي ايس ايل جي چيمپئن بڻجي وئي آهي. پي ايس ايل جي فائنل ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي لاهور قلندرز جي ٽيم 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 200  رنسون ٺاهيون. لاهور پاران عبدالله شفيق 65، فخر زمان 39، مرزا بيگ  30 رنسون ٺاهيون. ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 44 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ملتان سلطانز جي بالرن ۾ اساما مير 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته انور علي، احسان الله، خوشدل شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهي سگهي. ملتان پاران ريلي روسو 52 رنسون ٺاهيون، ٻين بيٽرز ۾ ڪپتان محمد رضوان 34 رنسن سان نمايان رهيو. لاهور پاران ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 4 وڪيٽون ورتيون، راشد خان ٻه ۽ ڊيوڊ وائيز هڪ وڪيٽ ورتي.