ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته حافظ نعيم ڪراچي جو ميئر ٿيڻ جا سپنا ڏسي پيو ته ڀلي ڏسي، خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي ناهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سال 2018 جي اليڪشن ۾ جنهن شخص ملير وارن کان سيٽ کسي،  ان کي ننڍي چونڊ ۾ ملير جي عوام عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ووٽن ۾ اضافو ٿيو آهي، ملتان واري قومي تي سال 2018ع جي اليڪشن جي ڀيٽ ۾ هيل 30 هزار وڌيڪ ووٽ مليا آهن. اين اي 239 تي عمران خان کي 2018ع واري اليڪشن جي ڀيٽ ۾ 20 هزار گهٽ وووٽ مليا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ايم پي اي بلال غفار تي حملو ناهي ٿيو، بلال غفار پنهنجي ٽولي سان گڏجي پ پ ڪيمپ تي حملو ڪيو ، ڪير ٻڌائي ته بلال غفار پ پ ڪيمپ تي ڇا ڪرڻ آيو هو؟ هن چيو ته ايم ڪيو ايم وفاق ۾ اتحادي آهي پر صوبي ۾ يا مڪاني چونڊن ۾ اسان جو ايم ڪيو ايم سان اتحاد ناهي، هن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي جو ايندڙ ميئر پ پ جو هوندو،