نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ ڊي واءِ ڇندراچوڙ کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي. هو 9 نومبر کان پنهنجو عهدو سنڀاليندو. موجوده چيف جسٽس يو يو للت 8 نومبر تي رٽائر ٿيندو. موجوده چيف جسٽس ئي نئين چيف جسٽس جو نالو چونڊيو هو. هو 10 نومبر 2024 تائين چيف جسٽس رهندو ۽ ملڪ جو 50 هون چيف جسٽس هوندو.