ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملتان مان  علي موسيٰ گيلاني ۽  ملير مان حڪيم بلوچ کي ننڍي چونڊ کٽڻ تي واڌايون ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو  آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ٻن جيالن جو اضافو اطمينان جوڳو آهي، پ پ ملتان وارن سياسي خانه بدوش سان حساب برابر ڪري ڇڏيو، ملتان ۽ ملير جي ڪاميابي جيالن جي نان ڪريان ٿو. پي ٽي آءِ کي شڪست ملڻ بعد تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي تنقيد ڪندي هن چيو ته تير جو نشان فتح جو نشان آهي، شاباس جيالا شاباس، ملتان ۽ ملير جي عوام جي مهرباني. آصف زرداري جو چوڻ ھو ته  ڏکڻ پنجاب صوبو ضرور ٺهندو، اهو منهنجو واعدو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو منشور آهي، جيالن جو ڪير به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي.