اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم گهر شماري جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ سوڌو ڪراچي جي گهڻ ماڙ عمارتن جي آدم ڳڻپ بابت مطالبا پيش، وزير اعظم گهر شماري جي مدي ۾ واڌ سوڌو مطالبن کي پورو ڪرڻ جي خاطري، ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد جي وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم طرفان وفاقي حڪومت جي معاهدي تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي وزير اعظم اڳيان شڪايتون به پيش ڪيون ويون آھن، جڏهن ته پ پ جي سنڌ حڪومت خلاف به شڪايتن کان وزير اعظم کي اگاهي ڏني وئي آھي، متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ وفد وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مصطفي ڪمال، رئوف صديقي، فوزيه حميد، صادق افتخار شامل هئا. ذريعن مطابق ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت سان ٿيل معاهدي تي عمل درآمد نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ۽ مطالبن بابت پيپلز پارٽي جي رويي جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو. ذريعن مطابق وزير اعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم جا تحفظات، شڪايتون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزير اعظم ايم ڪيو ايم جو آدمشماري  جي تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو مڃي ورتو آهي. گهر شماري ٽن ڏينهن بدران 10 ڏنهن ڪرڻ جي تجويز سان به اتفاق ڪيو. ذريعن مطابق ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو ته گهڻ ماڙ عمارتن جي هر رهائشي يونٽس جي دروازن تي مارڪنگ ڪئي وڃي. پلازه جي مک دروازي بدران گهر جي دروازي تي ۾ ش لکيو وڃي. ذريعن موجب وزير اعظم ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبن ۽ تجويزن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.