اسلام آباد (بيورو  رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالتن تي حملي جي ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ هي پاڻ شوق سان جيل ۾ ويا هاڻ اندر ويندڙ ٻاهر اچڻ جي لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان ڪالهه سازش تحت ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ طئي ٿيل منصوبي تحت عدالت مٿان حملو ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي. ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان کي عدالتن مٿان حملي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪريون. گهرو وزير چيو ته عمران خان جا ناز نخرا برداشت ڪيا ويا. عدليه کي اپيل ڪريون ٿا ته اوهان عمران خان کي رعايت ڏني، ان جا نخرا برداشت ڪيا، ان کي وقت ڏنو هاڻ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ان ۾ ڪوبه اخلاق نه آهي نه ئي هن ۾ ڪا انسانيت آهي.