سکر (بيورو رپورٽ) ڊجيٽل آدمشماري روڪرائڻ وارو ڪيس، برسات مثاثر عبدالستار شر جي درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ڏيندي چيو ته آدمشماري سياسي اشو آهي، ان کي وڪيل صاحب هتي نه کڻي اچو، ان سان اوهان کي ئي نقصان پهچندو، سڀاڻي وري ڪير ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ بابت درخواست کڻي ايندو. عدالت ڊجيٽل آدمشماري بابت  واسطيدار ڌرين کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته برسات متاثر عدالستار شر درخواست داخل ڪرائيندي عدالت کان استدعا ڪئي وئي هار ته برسات ۽ ٻوڏ سبب لکين ماڻهو دربدر آهن گهرن علائقن ۾ موجود ناهن ان ڪري ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري کي روڪيو وڃي.