ڪنڊيارو (ن پ ا) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي پ پ ايم پي اي سرفراز شاهه خلاف سندس بنگلي اڳيان ٻيهر احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ان ڏس ۾ سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو هتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تعلقي ڪنڊيارو جي برسات متاثرن جي هن وقت تائين ڪا به واهر نه ٿي سگهي آهي، متاثر بي يارومددگار بڻيل آهن، هنن جو چوڻ هو ته پ پ ايم پي اي سرفراز شاهه سميت چونڊيل نمائندن پاران متاثرن جي واهر نه ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته هفتو گذرڻ باوجود مرتضيٰ شاهه جي ڪيل واعدن تي عمل ناهي ٿيو، هنن چيو ته ايندڙ جمعي ڏينهن پ پ ايم پي اي جي بنگلي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، هوڏانهن سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو.