ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ ڳوٺ ھاشم کرل واسين پوليس جي مبينا چڙهائي ۽ ٻن ڄڻن کي کنڀڻ خلاف ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي علي حسن کرل، قاسم کرل، شاھنواز، جمن کرل ۽ ٻين چيو ته ڀرياسٽي پوليس بااثرن جي ونگار وھندي رات جو 3 لڳي 6 گاڏين ۾ سوار ٿي گھرن ۾ گهڙي ٻارڙن، عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ۽ گهر مان سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي وئي، هنن چيو ته پوليس ٻن نواجوانن راجا کرل ۽ ياسر کرل کي کنڀي کڻي وئي آھي، ھنن چيو ته اسان جو مظفر ڪلھوڙو وارن سان زمين جي مامري تان ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي، پر ان جي باوجود با اثر اسان کي زبردستي بي دخل ڪرڻ لاءِ ڪارروايون ڪرائي رهيو آهي.