جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان مختلف ڳوٺن الھورايو ھوت ۽ علي نواز مشوري جي رھواسين محمد يوسف ھوت، مولا بخش ھوت، ممتاز مشوري ۽ غلام شبير مشوري 4 مھينا گذري وڃڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته پاڻي بيٺل هجڻ سبب مليريا ۽ گيسٽرو سميت مختلف بيمارين منھن ڪڍيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.